جهوڪ 1

جهوڪ 1: اُٺن جي ويهڻ واري جاءِ کي جهوڪ چيو ويندو آهي. ٻين جانورن جي نسبت ۾ اُٺ جي الڳ عادت هوندي آهي، اُٺ جتي ڪجهه ڏينهن ويهندو آهي ته کيس ڪٿي به ڇڏي اچبو ته گهُمي ڦِري واپس ساڳيءَ جاءِ تي اچي ويهندو آهي. اٺ ويهڻ مهل جهڪي ويهندو آهي، انڪري اٺن جي ويهڻ واري جاءِ کي ”جهوڪ“ سڏجي ٿو.
جهوڪ لفظ، شاهه لطيف به ڳايو آهي:
جهڄان پسيو جهوڪ، آيل سنگهارن جي (ڏهر)
نهي ٻنڌي ۽ روءِ اڱڻ جهڪيو ڪرها (ليلان)
خواجه غلام فريد جي به هڪ ڪافي عابده پروين ڳائي آهي، جنهن ۾ جهوڪ جو ذڪر آهي:
’جهوڪ لڏائي وئين يار ديوانا!


هن صفحي کي شيئر ڪريو